”بشريٰ بي بي عمران خان جو ساٿ ڇڏي ڏيندي“
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ فواد چوڌري، شيخ رشيد ۽ بشريٰ بي بي بابت اڳڪٿي ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ منظور وساڻ چيو 80 سيڪڙو امڪان آهن ته بشريٰ بي بي عمران خان جو ساٿ ڇڏي ڏيندي، اهڙيون حالتون به هونديون آهن جو زالون مڙسن کي ڇڏي ڏينديون آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ کوڙ ماڻهو پ پ ۾ اچي رهيا آهن، انهن سڀني کي خبر آهي ته انهن جو مستقبل پ پ ۽ بلاول ڀٽو سان آهي. سندس چوڻ هو ته شيخ رشيد جو ڪو مستقبل ناهي، جڏهن ته فواد چوڌري پراڻو جيالو آهي، هو پ پ ۾ موٽي ايندو، فواد اسان جو هو ۽ اسان جو ئي رهندو.