My WordPress Blog

بجيٽ کان اڳ عوام لاءِ بُري خبر

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوٽيليٽي اسٽورن تي مختلف شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي، جيمز، ماکي، ڪيچ اپ، ساسز، آچار سميت ڪيترين ئي شين جا اگهه وڌايا ويا آهن.  بجيٽ کان اڳ يوٽيليٽي اسٽورن تي مختلف شيون مهانگيون ڪيون ويون، ذريعن موجب جيمز جي 450 گرام قيمت ۾ 74 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته يوٽيليٽي اسٽورن تي ماکي جي 500 گرام قيمت ۾ 101 رپين تائين ۽ هڪ ڪلو چڪن سپريڊ جي قيمت ۾ 190 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي.  يوٽيليٽي اسٽورن تي 800 گرام ڪيچ اپ 79 رپين تائين مهانگو ۽ ساسز جي 800  رام قيمت ۾ به 79 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي.  اهڙي ريت هڪ ڪلو آچار 80 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوشاندو 3 رپيا ۽ اسپغول 30 رپين تائين مهانگو ڪيو ويو آهي.  ان کانسواءِ عرق ۽ سيرپ 20 کان 40 رپين تائين مهانگا ڪيا ويا آهن، نوان اگهه فوري طور لاڳو ٿيندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.