آمريڪا جي ڏيوالي ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو
واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ڏيوالي ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو. قرض جي حد وڌائڻ جو پروسيجرل ووٽ منظور ڪيو ويو، بل هاڻ ايوان نمائيندن ۾ پيش ڪيو ويندو. رپورٽن موجب ايوان ۾ ڪارروائي بابت ٺهراءُ 187 جي ڀيٽ ۾ 241 ووٽن سان منظور ڪيو ويو. ووٽ منظور ڪرڻ سان بل تي بحث جي شروعات ٿي وئي آهي ۽ هاڻ پرووٽنگ جو رستو به کلي ويو آهي. قرض جي حد 31.4 کرب ڊالرن تائين محدود رکڻ کي معطل ڪرڻ جو بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. ايوان ۾ 213 ڊيموڪريٽس ۽ 222 ري پبلڪنز ميمبر آهن. پر 29 ري پبلڪنز کي بل تي اعتراض آهي. اهڙيءَ طرح بل منظور ڪرڻ لاءِ ري پبلڪنز کي حريف ڊيموڪريٽس جي به حمايت گھربل آهي. ايوان نمائيندن جي ري پبلڪن اسپيڪر ڪيون مڪ ڪارٿي جو چوڻ آهي ته بل تي ووٽنگ پاڪستاني وقت موجب صبح جو ساڍي پنجين وڳي ٿيندي ۽ اهو منظور ڪيو ويندو. قانونسازي ڪئي وئي ته قرض جي حد پهرين جنوري 2025ع تائين معطل ڪئي ويندي. اهڙيءَ طرح نومبر 2024ع ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ ان معاملي تي سياست نه چمڪائي سگھبي.