پي ٽي آءِ جي وڏي وڪيٽ ڪيرائڻ لاءِ اڳوڻا اڳواڻ متحرڪ، جيل ۾ شاهه محمود قريشي سان ملاقات
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳوڻن اڳواڻن پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي آهي. ذريعن موجب شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪندڙن ۾ فواد چوڌري، عامر ڪياني، عمران اسماعيل ۽ مولوي محمود شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻن اڳواڻن شاهه محمود قريشي کي پارٽي ڇڏڻ تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته سمجهون ٿا 9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي اڳتي وڌندي، 25 ڪروڙ عوام کي نواز شريف ۽ آصف زرداري جي آسري نٿو ڇڏي سگهجي، نه ئي عوام کي پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن جي آسري ڇڏي سگهجي ٿو، هن حڪومت کي اپوزيشن بنا ائين کليل نٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻن اڳواڻن سان تفصيلي گفتگو ٿي آهي، علي زيدي، پرويز خٽڪ، اسد عمر، فرخ حبيب ۽ عاطف خان سان رابطو ڪيو آهي، شاهه محمود قريشي سان هتي ملاقات ۾ تفصيلي گفتگو ٿي. سندس چوڻ هو ته جيڪو ڪجهه ٿيو، اسان جي اجتماعي ذميواري هئي ته نه ٿئي ها، پنهنجي بي ڏوهه ڪارڪنن کي جيلن مان آزاد ڪرائڻ به اسان جي ذميواري آهي.