My WordPress Blog

پاڪستان ۾ اڌ مارشل لا لڳي چڪو آهي: عمران خان

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ اڌ مارشل لا لڳي چڪو آهي، فوجي عدالتن ۾ شهرين خلاف ڪيس هلڻ سان جمهوريت ته ختم ٿي ويندي. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته اسان جي ڪيترن ئي ڪارڪنن خلاف ايف آءِ آرز به ناهن، اڻڄاتلن جي فهرست ۾ وڌو ويو آهي، وڪيلن کي گرفتار ڪارڪنن سان ملڻ به نه پيو ڏنو وڃي، ملڪ ۾ قانون نالي ڪا شئي ناهي، ججن جي فيصلن تي عمل نه پيو ٿئي، اها ضمانت ڏين ٿا ته حڪومت وري پڪڙي ٿي ڇڏي.  هن چيو ته ملڪ طاقت جي زور تي هلي رهيو آهي، اهي رٿابندي سان پي ٽي آءِ کي چٿڻ چاهين ٿا، مقصد پي ٽي آءِ کي ختم ڪري نواز شريف کي بحال ڪرائڻ آهي.  سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ کي ”اليڪٽ ايبلز“ جي ضرورت ناهي، اسان جو سڀ کان وڏو ووٽ بئنڪ آهي، جڏهن ايڏو ووٽ بئنڪ هجي ته ماڻهن جي اچڻ وڃڻ سان فرق نٿو پئي، ووٽ بئنڪ ته پي ڊي ايم جو ڪِريو آهي، چونڊون ٿيون ته پي ٽي آءِ کٽيندي.   

Leave A Reply

Your email address will not be published.