My WordPress Blog

پاڪستاني مال بردار بحري جهاز روسي پورٽ تي لنگر انداز، 70 سالن بعد لاڳاپا بحال

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ روس ۾ 70 سالن بعد واپاري لاڳاپا بحال ٿي ويا آهن ۽ پاڪستان جو هڪ بحري جهاز 2600 ٽن مختلف شيون روس جي مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ کڻي سينٽز برگ پورٽ تي پهچي ويو آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستان عملي طور آمريڪي ڪيمپ مان نڪري ويو آهي، روس جا ٻه بحري جهاز ايندڙ  هفتي پيٽرول کڻي پاڪستان جي پورٽ تي لنگر انداز ٿي ويندا، نامياري تجزئي نگار معظم فخر جو به چوڻ آهي ته  روس ۽ چين جي اڳواڻي ۾  نئون بلاڪ عملي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي ته پاڪستان ۽ روس زميني رستي گهڻو ويجها آهن، پر اهو مختصر مفاصلو طئي ڪرڻ ۾ ٻنهي ملڪن کي 70 سال لڳي ويا آهن، آمريڪا کي تڪليف ٿيڻ فطري عمل آهي  پر هاڻي پاڪستان گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي ۽ ايران، افغانستان، روس جي ٻين رياستين ۾ واپاري رستا کلي چڪا آهن، ان جو اظهار آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪوئيٽا جي دوري دوران به ڪري چڪو آهي ته ملڪ اندر سياسي غير يقيني ۾ پرڏيهي قوتن جو هٿ آهي، جيڪي ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿيون، اسان کي انهن جي ڏيهي حامين جي ڄاڻ به آهي پر اهي سازشون ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، اهو سياسي ۽ غير سياسي آمريڪي حامين لاءِ کليل پيغام آهي، ان ڪري ملڪ جي سياسي صورتحال کي ان عالمي پس منظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي، تبديل ٿيل علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۾ عمران خان سميت آمريڪا ۽ اولهه جي حامين لاءِ هاڻي پاڪستان جي سياست ۾ ڪا به گنجائش نه آهي، ان ڪري اهو سمجهڻ به خوشفهمي آهي ته عمران خان کي عالمي اسٽيبلشمينٽ بچائي وٺندي پر صورتحال مان واضح آهي ته پاڪستان هاڻي عالمي اسٽيبلشمينٽ جو دٻاءُ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، آمريڪا کي خدا حافظ چئي روس ۽ چين جي سربراهي ۾ جڙيل بلاڪ ۾ شموليت ان جو ثبوت آهي، معاشي ماهرن جي تجزين مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته پاڪستان جي بجيٽ ٻن شڪلين ۾ تيار ٿي رهي آهي، هڪ ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف قرض جي قسط جاري  ڪري ٿو ته بجيٽ ڪهڙي هوندي ٻيو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف کان قرض نٿو ملي ته معاهدو نٿو ٿئي ته پوءِ بجيٽ ڪهڙي هوندي، مالي معاملن بابت خابرن جو ذريعن جي حوالي سان چوڻ آهي ته پاڪستان کي چين خاطري ڪرائي آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف قرض جاري نٿو ڪري ته ان کان گهٽ وياج تي چين 2 ارب ڊالر پاڪستان کي قرض ڏيندو جيئن هو موجوده حڪومت عوام دوست بجيٽ ڏئي سگهي، ان سموري صورتحال مان واضح آهي ته پاڪستان آمريڪا کان تمام گهڻو مفاصلو اختيار ڪري چڪو آهي، ان ڪري ئي ڪنهن به صورت ۾ عمران خان ۽ ان جي حامين کي سياسي غير يقيني  کي هٿي ڏيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اهڙي هر سازش کي چٿيو ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.