نيب ترميمي ايڪٽ لاڳو ٿي ويو، چيئرمين جي اختيارن ۾ واڌ
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب ترميمي ايڪٽ 2023 جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ نئون قانون لاڳو ٿي ويو آهي. نئين قانون تحت چيئرمين جي اختيارن ۾ واڌ ٿي وئي ۽ هو ڪيس ۽ انويسٽيگيشنز بند ڪري سگهندو. نيب جي سيڪشن 5 جي ابتڙ ٺهندڙ سمورا ڪرپشن ڪيس بند ڪيا ويندا، نيب چيئرمين ڪرپشن ڪيسن جي انڪوائري، انويسٽيگيشن بند ڪرڻ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي موڪلي سگهندو. نيب چيئرمين جي غير موجودگي جي صورت ۾ ڊپٽي چيئرمين کي مڪمل اختيار هوندا. واضح رهي ته صدر عارف علوي جي انڪار کانپوءِ نيب ترميمي ايڪٽ کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظور ڪرايو ويو هو.