مهانگائي سٽيل عوام تي بجلي بم ڪيرايو ويو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائي سٽيل عوام تي بجلي بم ڪيرائيندي في يونٽ بجلي هڪ رپيو 60 پئسا مهانگي ڪئي وئي آهي. نيپرا ڊسڪوز جي اپريل جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽينٽ جي حوالي سان عوامي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي. پڌرائيءَ موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ٻه رپيا هڪ پئسو في يونٽ واڌ جي درخواست جمع ڪرائي هئي، ڊيٽا جي شروعاتي جاچ پڙتال موجب هڪ رپيو 61 پئسا في يونٽ واڌ ٺهي ٿي. نيپرا جو چوڻ آهي ته واڌ لائف لائن ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنز کي ڇڏي ڊسڪوز سميت سڀني واهپيدارن تي لاڳو ٿيندي، جڏهن ته اها ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو نه ٿيندي. نيپرا چيئرمين موجب اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ پڙتال کانپوءِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي.