My WordPress Blog

عمران 9 مئي تي پاڻ کي ملڪ دشمن ثابت ڪري فوج کي وڌيڪ منظم ڪري ڇڏيو

0

لاهور( ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪوئيٽا جي دوري دوران فوجي جوانن کي خطاب ڪندي نالو کڻڻ بنا واضح طور ٻڌائي ڇڏيو ته عمران خان ملڪ دشمن هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي، ان ڪري هو ملڪ دشمن سياستدان آهي، نالي واري تجزيي نگار سيد عمران شفقت پنهنجي تجزيي ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي پاليسي  کي ”ريسسيٽ ڊاڪٽرائن“ قرار ڏيندي چيو آهي ته فوج ۾ گذريل اٽڪل 19 ورهين کان جوانن جي ذهن سازي ڪئي وئي ته  پ پ ۽ ن ليگ ڪرپٽ چور ۽ ڌاڙيل آهن، جڏهن ته عمران خان واحد سياستدان آهي جيڪو ايماندار ، صادق ۽ امين آهي، جڏهن ته جنرل عاصم منير آرمي چيف طور چارج سنڀالي ته ان کان اڳ ڊي جي آءِ ايس آءِ طور عمران خان جي ايماندار ۽ صادق امين هجڻ جي ڄاڻ ٿي چڪي هئي، جنرل عاصم منير ان وقت ملڪ رياض کان هيرن جا هار ۽ منڊيون تحفي طور وصو ڪرڻ  بابت ان وقت جي وزير اعظم عمران خان کي ڄاڻ ڏني هئي ته اوهان جي گهرواري تحفا وصول ڪري رهي آهي، عمران خان ان کي آگاهي ڏيڻ تي شاباس ڏيڻ بدران ان وقت جي آرمي چيف قمر جاويد باجوا  کي چئي کيس 24 ڪلاڪن اندر عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو، پر جيڪي فوجي جوان ڪرنل يا ميجر طور اداري ۾ ڀرتي ٿيا ۽ انهن جي ذهن سازي ڪئي وئي ته عمران خان ايماندار، صادق ۽ امين آهي ته اهي خاندانن سميت عمران خان جا عقيدت مند ٿي چڪا هئا، ان عرصي دوران جڏهن هو ترقيون ماڻي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي پهچي چڪا هئا انهن کي اهو سمجهائڻ ڏکيو ٿي ويو ته عمران خان ڪنهن به صورت ايماندار يا صادق امين نه آهي، اهڙن جنرلن جو انگ 30 کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو پر آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ جنرل ساحر شمشاد جو اهو ڪم عمران خان 9 مئي تي پاڻ آسان بڻائي ڇڏيو ۽ فوج ۾ اهو تاثر مضبوط ٿي ويو ته عمران خان نه رڳو ڪرپٽ پر ملڪ دشمن ۽ پرڏيهي پاڪستان دشمن قوتن جي ايجنڊائن تي ڪم ڪري رهيو آهي، نتيجي طور هاڻي فوج اڳ کان وڌيڪ مضبوط ۽ جنرل عاصم منير جي قيادت ۾ منظم ٿي چڪي آهي، جنرل ساحر شمشاد مرزا کي اهو اعزاز حاصل آهي ته جنرل عاصم منير جي غير موجودگي ۾ هن 9 مئي جي خطرناڪ بغاوت کي انتهائي ذهانت سان ڪچلي ڇڏيو ۽ عمران خان جي ذهن ۾ جنرل ساحر شمشاد مرزا بابت جيڪو خناس هو اهو به ڪڍي ڇڏيو، هاڻي اهي اٽڪل 30 جنرل جيڪي هن وقت ڊائريڪٽر اسٽاف طور فوجي جوانن کي پڙهائي ۽ سکيا ڏئي رهيا آهن اهي عمران خان جو نالو وٺڻ يا نه وٺڻ بنا اهو پڙهائيندا ته عمران خان ملڪ دشمن آهي ۽ ملڪ دشمن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي ان ڪري هاڻي عمران خان جو بچڻ ناممڪن نه سهي پر مشڪل ضرور آهي ڇو ته ڪوئيٽا ۾ آرمي چيف خطاب ڪندي ۽ ڪيڊٽس سان تعارفي ڪچهري ڪندي عمران خان جي اصليت بابت واضح پيغام ڏئي ڇڏيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.