عمران خان، عارف علوي سان ناراضگي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان صدر عارف علوي سان ناراضگي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين عمران خان کان سوال ڪيا ۽ ان دوران هن صدر عارف علوي سان ناراضگي جي خبرن جي ترديد ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين چيو عارف علوي صحيح نه ڪري ته به قانون بڻجي ويندو. صحافي سوال ڪيو ته عارف علوي توهان جي سوالن جو جواب ناهي ڏيندو؟ جنهن تي عمران خان چيو ته نه اهو غلط آهي، اها ڳالهه درست ناهي ته منهنجو عارف علوي سان رابطو ناهي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هن وقت چونڊن کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، اسان ملڪ خاطر ڳالهين جي دعوت ڏني آهي.