سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات، 4 ٻارن سميت 5 ڄڻا فوت، 10 ڄڻا زخمي
ڪراچي/حيدرآباد/سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي، مختلف علائقن ۾ گجگوڙ ۽ ڳڙي سان پيل برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڀتيون ڪرڻ سميت مختلف واقعن ۾4 ٻار ۽ هڪ نوجوان فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڪوٽڙي سائيٽ جي ٻٻر چوڪ واري علائقي ۾ طوفاني برسات سبب هڪ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙا 7 سالن جي عاصما ڪابورو، 10 ورهين جي فرحانا نوناري ۽ 11 سالن جي محمد يوسف ٿڏي تي دٻجي دم ڏئي ڇڏيو جڏھن ته گل محمد، نواز خان، ڪاشان، علي رضا، محمد هاشم، ابراهيم، حميد ۽ احمد سميت 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ گيمڙو ۾ طوفاني برسات سبب شهزادو چاچڙ جي گهر مٿان کجي جو وڻ ڪري پيو، جنهن سبب گهر اندر ستل چار گهر ڀاتي 10 سالن جو اڪبر چاچڙ، 11 سالن جي سڪينا، بلال احمد ۽ عبدالستار چاچڙ دٻجي ويا، ڳوٺاڻن پهچي چئني زخمين کي ڪڍي اسپتال پهچايو، جتي اڪبر علي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.ٻئي طرف اوٻاوڙي ڀرسان ڳوٺ حاجي قيصر گرگيج ۾ طوفان سبب ڪمري مٿان رکيل سولر پليٽون اڏامي 30 ورھين جي نوجوان منظور گرگيج مٿان ڪري پيون جنھن سبب نوجوان سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي وارثن تعلقي اسپتال پھچايو، جتي نوجوان زخمن جا سور نه سھندي دم ڏنو.هوڏانهن ڇاڇرو، ڪنري، پٿورو، ٽالهي،ڊگهڙي، ڪوٽ غلام محمد، ماتلي، بڪيرا ،کپرو، ڄام نواز علي، ٽنڊو آدم، ڪنڊيارو، مورو، ٺري ميرواهه، ميان صاحب ۽ ٻين علائقن ۾ ٻئين ڏينهن به برسات پئي، برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو.