My WordPress Blog

”زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهيان“

0

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته منهنجي حياتي خطري ۾ آهي، اسان جا گهر ٽوڙيا پيا وڃن.  هڪ وڊيو بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته مان زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهيان، القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ ڪوڙي شاهدي ڏيڻ بدران موت کي ترجيح ڏيندس، شهزاد اڪبر اهو معاملو ڪابينا ۾ آندو ته مان اتي هليو ويو هيس. هن چيو ته اسان جا گهر ٽوڙيا پيا وڃن، 30 – 30 هزار پگهار وٺندڙ ملازمن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو، منهنجي ماءُ جي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، سادي لباس ۾ اهلڪار گاڏيون ۽ سامان به کڻي ويا. سندس چوڻ هو آئين ۽ قانون جي بي توقيري ٿيندي ته عام پاڪستان هتي ڪيئن زندگي گذاريندو؟

Leave A Reply

Your email address will not be published.