حڪومت بجيٽ کان اڳ عوام کي وڏو رليف ڏئي ڇڏيو!
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت تيل ۽ گيهه جي اگهن ۾ وڏي لاٿ ڪري ڇڏي. وفاقي حڪومت سڄي ملڪ جي يوٽيليٽي اسٽورن تي مختلف برانڊن جو گيهه ۽ تيل سستو ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب يوٽيليٽي اسٽورن تي في ليٽر ڪوڪنگ آئل 93 رپين تائين سستو ڪيو ويو آهي، ڪڏهن ته في ڪلو گيهه جي قيمت ۾ 68 رپين تائين لاٿ ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نوان اگهه اڄ کان ئي لاڳو ٿيندا.