اهي آڊيوز رڪارڊ ڪير ڪندو آهي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کان جواب گهري ورتو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪ جاچ لاءِ قائم خاص ڪميٽي کي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آڊيو ليڪ جاچ لاءِ قائم خاص ڪميٽي جي جوڙجڪ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس بابر ستار سوال ڪيو ته ڇا اها اسپيشل ڪميٽي آهي؟ وڪيل لطيف کوسا چيو ته اسپيشل ڪميٽي لاءِ به اهي ئي رولز هوندا، جيڪي عام ڪميٽي لاءِ هوندا آهن. عدالت چيو توهان کي لاڳاپيل وزارت کي ڌر بڻائڻو پوندو، لطيف کوسا چيو ڪا لاڳاپيل وزارت ان معاملي ۾ آهي ئي نه، پوءِ به اسان بڻائينداسين، اسان رڳو اهو چئلينج ڪيو آهي ته اسپيڪر ۽ اسيمبلي کي پرائيويٽ معاملو ڏسڻ جو اختيار ناهي، سپريم ڪورٽ ۾ جيڪو معاملو ٻڌڻي هيٺ آهي، اسان ان کي چئلينج ناهي ڪيو، آڊيو ليڪ ٻن پرائيويٽ ماڻهن وچ ۾ مبينا طور تي ڪيل ڳالهه ٻولهه آهي، پارليامينٽ کي ٻن پرائيويٽ ماڻهن جي معاملي کي ڏسڻ جو اختيار ناهي. عدالت عاليا خاص ڪميٽي کي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو ۽ پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي طرفان نجم الثاقب جي طلبي جو نوٽيس به معطل ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار منع نامي جو حڪم جاري ڪيو آهي. جسٽس بابر ستار درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض به ختم ڪري ڇڏيا، عدالت درخواست تي وفاقي حڪومت کي 19 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪيو ته اهي آڊيوز رڪارڊ ڪير ڪندو آهي؟ خاص ڪميٽي ڪهڙي اختيار تحت نوٽيس ڪيو؟ پيرا وائز ڪمنٽس به طلب ڪيا ويا.