My WordPress Blog

آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس، انڪوائري ڪميشن به سپريم ڪورٽ بئنچ تي اعتراض واري ڇڏيو

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ قائم 3 رڪني انڪوائري ڪميشن به آڊيو ليڪس ڪميشن جو ڪيس ٻڌندڙ سپريم ڪورٽ جي بئنچ تي اعتراض ڪري ڇڏيو.  انڪوائري ڪميشن جي سيڪريٽري سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.  وفاق کانپوءِ آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن به سپريم ڪورٽ جي بئنچ تي اعتراض واري ڇڏيو.  سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل انڪوائري ڪميشن جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته آئيني درخواستون ٻڌڻي جوڳيون ناهن.  انڪوائري ڪميشن 5 رڪني بئنچ جي جوڙجڪ جي طريقي ڪار تي به اعتراض ڪندي چيو آهي ته بئنچ جي جوڙجڪ جو معاملو ججن جي ڪميٽي سامهون نه رکيو ويو، بهتر ٿيندو ته ججن جي ڪميٽي طرفان بئنچ جي جوڙجڪ تائين 5 رڪني بئنچ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.  انڪوائري ڪميشن موجب ڪميشن کي ٻڌڻ بنا ان جي ڪارروائي روڪي وئي، مبينا آڊيو ليڪس جي ٻين ماڻهن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي نه ئي ڪميشن تي اعتراض ڪيو، ڪميشن آرٽيڪل 209 تي پنهنجو موقف پهرئين اجلاس ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو، واضح ڪيو ويو ته ڪميشن جي ڪارروائي کي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي نه سمجهيو وڃي. جواب ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ بار صدر آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف درخواست داخل ڪئي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ اهو ڪيس نه ٻڌي، ذاتي مفادن بابت ڪيس ڪو جج نٿو ٻڌي سگهي.سانڪوائري ڪميشن چيو آهي ته ڪميشن کي انڪوائري ۾ ڪا دلچسپي ناهي، اها ذميواري قانون تحت ڏني وئي آهي، ڪميشن آئين ۽ قانون موجب پنهنجي ذميواري پوري ڪندي، ڪميشن خاطري ڪرائي ٿي ته ڌرين جي اعتراضن کي ٻڌو ۽ انهن تي غور ڪيو ويندو، عدالت کي خاطري ڪرائي وڃي ٿي ته ڪارروائي ۾ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.