آصف زرداري جو ميڊيڪل چيڪ اپ، ڊاڪٽرن ڇا چيو؟
لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو لاهور ۾ تفصيلي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويو. آصف علي زرداري اڄڪلهه لاهور ۾ موجود آهي، هو گذريل ڏينهن دبئي کان لاهور پهتو هو، جنهن کانپوءِ سندس طبي معائنو ڪيو ويو. آصف علي زرداري جو تفصيلي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويو، جنهن کي ڊاڪٽرن معمول جو معائنو قرار ڏنو. واضح رهي ته آصف زرداري لاهور ۾ ايندي ئي سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ مختلف جماعتن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي.