My WordPress Blog

آرمي چيف سان برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف جي ملاقات

0

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير سان برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف سر پيٽرڪ نڪولس ملاقات ڪئي آهي.  آءِ ايس پي آر موجب برطانوي فوج جو چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سر پيٽرڪ نڪولس جي ايڇ ڪيو پهتو، هن شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ گل به نڇاور ڪيا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين ۽ ڪاميابين کي ساراهيو، جڏهن ته خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ به پاڪ فوج جي ڪوششن جي تعريف ڪئي.  جنرل سر پيٽرڪ نڪولس جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جنرل ساحر شمشاد مرزا سان به ملاقات ڪئي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.