ڪير ڪنهن جماعت کي ختم نٿو ڪري سگهي: شاهد خاقان عباسي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪير ڪنهن جماعت کي ختم نٿو ڪري سگهي، جنهن ملڪ ۾ جمهوريت نه هوندي، چونڊون چوري ٿينديون ته پوءِ بار پوندو. ڪراچي ۾ احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته سڀ ذميواري سان ڪم ڪندا ته ملڪي مسئلا حل ٿيندا، صلاح ڏيڻ چيف جسٽس جو ڪم ناهي. هن چيو ته ڪوڙا ڪيس عدالت ۾ آهن، نيب ڇا ڪري رهيو آهي، اسان ڪهڙو اختيارن جو غلط استعمال ڪيو، اسان جي زندگي مفلوج بڻائي وئي، بدنامي الڳ ٿي، مالي نقصان به ٿيو، هاڻ نيب گهٽ ۾ گهٽ جعلي ڪيس تي معافي گهري، ڪنهن جو دٻاءُ هو، نيب هاڻ معافي گهري. سندس موجب عمران خان چئي ٿو ته هن ڪو ڪيس نه ٺاهيو، نيب چيئرمين جي ذميواري آهي ته ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ تي جاچ ڪري، اڄ به چوان ٿو ته ڪئميرائن سامهون ڪيس هلايو وڃي، عمران خان جيان ڀڄڻ وارن مان ناهيان.