ڪراچي ۾ غير قانوني طور رهندڙ 26 افغاني گرفتار
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس بلوچستان مان ملڪ جي واپاري مرڪز ڪراچي ۾ داخل ٿيندڙ جي ڪوشش ڪندڙ گهٽ ۾ گهٽ 26 افغان شهرين کي گرفتار ڪري ورتو. اڱاري تي پوليس اختيارين صحافين کي ٻڌايو ته افغان شهري بلوچستان صوبي جي سرحدي شهر حب مان ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. اختيارين ٻڌايو ته گرفتار افغان شهري حب ريور روڊ تي رئيس ڳوٺ ۾ موجود هئا ۽ سڃاڻپ وارا دستاويز پيش ڪرڻ ۾ ناڪامي تي کين حراست ۾ ورتو ويو.