My WordPress Blog

وزيراعظم جو آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان رابطو، پروگرام مڪمل ڪرڻ لاءِ مدد گهري ورتائين

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ لاءِ عالمي مالياتي اداري جي اي ڊي کان مدد گهري ورتي.  ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا سان رابطو ڪيو، جنهن ۾ هن پروگرام لاءِ نائون جائزو مڪمل ڪرڻ ۾ مدد طلب ڪئي.  ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان بجيٽ تجويزون به آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيون ويون آهن.  ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ناڻي واري وزارت کي بجيٽ آءِ ايم ايف سان گڏجي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڪسٽرنل فنانسنگ جي معاملي تي آءِ ايم ايف جا مطالبا برقرار آهن ۽ آءِ ايم ايف ايڪسچينج ريٽ ۾ انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ريٽ جو فرق ختم ڪرائڻ چاهي ٿو.  واضح رهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جا ٻاهرين فنانسنگ سميت سمورا مطالبا پورا ڪري ڇڏيا آهن پر پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 1.1 ارب ڊالرن لاءِ اسٽاف ليول معاهدو طئي ناهي ٿي سگهيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.