My WordPress Blog

قادر پٽيل جا الزام، عمران خان وڏو قدم کڻي ورتو

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل کي 10 ارب رپين جي ڏنڊ جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو.   نوٽيس تحريڪ انصاف چيئرمين جي وڪيل ابوذر سلمان نيازي طرفان موڪليو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قادر پٽيل 15 ڏينهن ۾ پنهنجا الزام واپس وٺي ۽ فوري طور عمران خان کان غير مشروط معافي وٺي.  نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته قادر پٽيل 10 ارب رپيا ڏنڊ طور ادا ڪري، جيڪي شوڪت خانم اسپتال ۾ جمع ڪرايا ويندا، جيڪڏهن هن معافي نه گهري ته قانوني ڪارروائي اڳتي وڌينداسين.  واضح رهي ته عبدالقادر پٽيل پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ ميڊيا سان شيئر ڪندي چيو هو ته تحريڪ انصاف چيئرمين جو دماغ توازن سواليا نشان آهي، سندس دماغي حالت ٺيڪ ناهي، هو منشيات جو استعمال ڪندو رهيو، رپورٽ ۾ ان جي تصديق ٿي آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.