فوج ۾ ”ري سيٽ“ ڊاڪٽرائن، خديجه شاهه ٽيسٽ ڪيس
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناليواري وي لاگر عمران شفقت چيو آهي ته پراجيڪٽ عمران خان فوج ئي شروع ڪيو هو هاڻي هڪ نئون ڊاڪٽرائن شروع ٿي ويو آهي، ري سيٽ ڊاڪٽرائن جو اطلاق پاڪ فوج ۾ شروع ٿي چڪو آهي. لاهور جي اڳوڻي ڪور ڪمانڊر جو ڪورٽ مارشل شروع ٿي چڪو آهي، هن سان گڏ ٻيا به آفيسر آهن، ٻيو ري سيٽ پاڪستان جي عدليه تي لڳندو ان ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال مين ٽارگيٽ آهي. تازو چيف جسٽس جي آڪڙ ختم ٿي چڪي آهي، هن چيو ته پراجيڪٽ عمران خان جا ڪردار عهدن تي ويهندي زليل خوار ٿيا، جنرل باجوا جو مثال ڏسو، ففٿ وار جنريشن جي مجاهدن هن سان وڏي جٺ ڪري ڏني، پ پ، ن ليگ کانپوءِ سندس پنهنجي پارٽي پي ٽي آءِ کيس رڳڙو ڏئي ڇڏيو. جنرل (ر) فيض حميد جو حشر به خراب ٿي رهيو آهي هن چيو ته جسٽس (ر)ثاقب نثار، جسٽس(ر) کوسو، جسٽس(ر)گلزار سميت چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي وڏي خواري نصيب ۾ آئي. جنرل(ر) آصف غفور جي ڊي جي آءِ ايس پي آر هوندي فيصل واوڊا هن خلاف گٿا لفظ ڳالهايا هئا، گريٽ ري سيٽ جو پهريون مثال خديجه شاهه آهي، خبر پئي ته هو آمريڪا وڃي رهي آهي. محسن نقوي کي رات ميڊيا تي اچڻو پيو هن ان ڳالهه جي ترديد ڪئي، خديجه شاهه خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي نه ٿي ته پوءِ جنرل عاصم منير جو ڊاڪٽرائن ختم سمجهو.