فوجي ملڪيتن تي حملن جو ذميوار عارف علوي قرار، هتي نه ته ايندڙ جهان ۾ حساب ڏيندو: خواجا آصف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف 9 مئي ۽ فوجي ملڪيتن تي حملن جو ذميوار صدر عارف علوي کي قرار ڏئي ڇڏيو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته 9 مئي حملي، قومي ۽ دفاعي ملڪيتن تي حملي جي شروعات عارف علوي ڪئي، سوشل ميڊيا تي اخلاقيات جي تباهي به عارف علوي ڪئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪي قانون ان کان حساب نه ورتو ته هو ان جهان ۾ نه سهي ايندڙ جهان ۾ حساب ڏيندو، منهنجو موقف تاريخ جي واقعن جي بنياد تي آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي گرفتاري ۾ فوج جو قطعي ڪو ڪردار نه هو، عمران خان کي فوج يا رينجرز گرفتار نه ڪيو، رينجرز عمران خان جي گرفتاري ۾ پوليس جي مدد ڪئي، عمران خان فوج تي غلط الزام هڻي رهيو آهي، عمران خان ماڻهن کي اڪسائڻ ۽ منظم حملن جي جواز جو بهانو ڳولي رهيو آهي. خواجا آصف چيو ته تحريڪ انصاف تي پابندي جي حوالي سان في الحال اتحادين سان مشاورت ۽ بحث شروع ناهي ٿيو، تحريڪ انصاف تي پابندي جي ضرورت پئي ته اتحادين سان مشورو ڪيو ويندو.