شهريار آفريدي اڊيالا جيل مان آزادي ٿيندي ئي ٻيهر گرفتار
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شهريار آفريدي کي اڊيالا جيل مان آزاد ٿيندي ئي ٻيهر حراست ۾ ورتو ويو. اڊيالا جيل انتظاميا موجب شهريار آفريدي کي نظربندي جو مدو پورو ٿيڻ تي آزاد ڪيو هو. شهريار آفريدي جي آزادي کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران پوليس کيس ٻيهر حراست ۾ وٺي ڇڏيو ۽ اڻڄاتل هنڌ وٺي وئي. ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي شهريار آفريدي جي وڌيڪ 15 ڏينهن جي نظربندي جا حڪم به جاري ڪري ڇڏيا آهن. واضح رهي ته 16 مئي تي پوليس شهريار آفريدي ۽ ان جي گهرواري کي اسلام آباد ۾ سندن رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو هو، پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي شهريار آفريدي جي گهرواري کي آزاد ڪيو ويو هو.