My WordPress Blog

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سکر – حيدرآباد موٽر وي فوري طور تعمير ڪرڻ جو حڪم

0

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر – حيدرآباد موٽر وي جي فوري طور تعمير جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اين ايڇ اي طرفان 30 جون تائين ڪم شروع ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي.  سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي ڊبل بئنچ ايڊووڪيٽ خان محمد سولنگي جي سکر – حيدر آباد موٽر وي جي تعمير جو ڪم شروع نه ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.  ٻڌڻي دوران اين ايڇ اي جي انجنيئر ۽ ٻين آفيسرن پيش ٿي عدالت کي ٻڌايو ته سکر – حيدرآباد موٽر وي جي تعمير لاءِ سنڌ حڪومت ۽ ڊونرز فنڊ فراهم ڪري ڇڏيا آهن پر زمين جي خريداري جي معاملي ۾ نوشهري فيروز ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي انڪوائري هلي رهي آهي.  عدالت اين ايڇ اي کي فوري طور تي سکر – حيدرآباد موٽر وي جي تعمير جو ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو.  اين ايڇ اي جي انجنيئر عدالت کي خاطري ڪرائي ته 30 جون تائين ڪم شروع ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ عدالت 11 جون تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.