سنڌ مان پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ ٻن اهم شخصيتن جو جهانگير ترين سان رابطو
لاهور (ويب ڊيسڪ) سنڌ مان پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ ٻن اهم شخصيتن جهانگير ترين سان رابطو ڪيو آهي. ذريعن موجب سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه مان ڪيترائي ماڻهو جهانگير ترين سان رابطي ۾ آهن ۽ جهانگير ترين جي سڄي ملڪ ۾ مختلف اڳواڻن سان مشاورت جاري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين اڄ به ڪيترن ئي اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو ۽ سندس طرفان هلندڙ هفتي ئي نئين پارٽي جي اعلان جو امڪان آهي. “