My WordPress Blog

روسي تيل اچڻ سان پاڪستان ۾ اگهه گهٽجندا يا نه؟ واضح ٿي ويو

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ واضح ڪيو آهي ته روسي تيل اچڻ سان ملڪ ۾ تيل جا اگهه نه گهٽجندا.  پاڪستان انرجي ڪانفرنس سان زوم تي خطاب ڪندي مصدق ملڪ چيو ته روسي تيل ٻن هفتن ۾ پاڪستان پهچندو ۽ روسي تيل جا وڌيڪ ڪارگوز ايندا ته پوءِ ملڪ ۾ اگهه گهٽجندا.  هن چيو ته دنيا ۾ جتان به سستو تيل ملندو، اسان خريد ڪنداسين، ڪوشش آهي ته پابندين کان بچون ۽ توانائي جون ضرورتون به پوريون ٿين.  سندس چوڻ هو ته سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا تي ٻيهر ڪم شروع ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ جلد ٽائٽ گئس جي پاليسي آڻينداسين، حڪومت گئس جي بند کوهن کي ٻيهر کولڻ تي غور ڪري رهي آهي، ڪوشش آهي ته بند ٿيندڙ کوهن جي بحالي لاءِ ڪجهه رعايت ڏيون.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.