اينڪر آفتاب اقبال تي 3 ارب ڪرپشن جو الزام، خديجه شاهه سان زيادتي جا افواهه
لاهور (و يب ڊيسڪ ) وي لاگر گوهر بٽ چيو آهي ته ماڻهو آفتاب اقبال کي صحافي ڪوٺين ٿا پر صحافي نه سٺو مزاح نگار آهي، هن تي 3 ارب رپين جي ڪرپشن جو ڪيس داخل ٿيڻ وارو آهي، مستقبل قريب ۾ آفتاب اقبال کي طلب ڪندي، هن هڪ ٽي وي چئنل آپ نيوز ڪڍيو هو، ان چئنل تي 3 ارب رپيا خرچ ٿيا، 3 مختلف پارٽين ان کي اسپانسر ڪيو هو. اهو پراجيڪٽ عمران خان جو هڪ حصو هو، بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي جي خبر ۾ مون هڪ بيپر آفتاب اقبال جي مرضي جي خلاف هلايو هو، ان تي هن جا منهنجا اختلاف پيدا ٿيا، آفتاب اقبال جي اسپانسرز کي سيڙپڪاري ۾ ڪو به فائدو نه ٿيو. اپريل 2020ع ۾ چئنل کوليو ويو ان جو سامان خريد نه پر ڪرائي تي ورتو ويو، اتي لڳل بلب ،ٽيوب، ڪوپ،گلاس به ڪرائي تي ورتا ويا. هڪ ڊي ايس اين جي گاڏي هئي، جنهن تي ڪاغذن ۾ اڍائي ڪروڙ خرچ ڏيکاريو ويو، جنهن ڪمپني کان اهي گاڏيون ڪرائي تي ورتيون ويون اها ڪمپني آفتاب اقبال جي ڀاڄائي جي هئي، مون سميت جيڪي به 500 ملازم هئا انهن کي آخر ۾ پگهارو ن ئي مليون،تڏهن آڊٽ ڪرائي وئي ته تڏهن 85 ڪروڙن جي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو. کيس ايف بي آر پاران نوٽيس به جاري ڪيو ويو، انڪم ٽيڪس آرڊيننس تحت آڊٽ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، توهان قومي خزاني کي نقصان پهچايو آهي، هن 4 ڪروڙ 88 لک انڪم ٽيڪس ڄاڻائي هئي، جنهن تي ايف بي آر جو چوڻ آهي ته توهان جي انڪم 9 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ آهي، هن چيو ته جيل ۾ خديجه شاهه جي حوالي سان جنسي زيادتي جون خبرون هليون، اهي خبرون پي ٽي آءِ جي لپاڙا گروپ ڦهلايون، ان ڳالهه جو فيصلو عمران خان جي زوم ميٽنگ ۾ ڪيو ويو هو. عمران خان ٽوئيٽ ڪيو ته عورتن سان جيلن ۾ جنسي زيادتي جا حملا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته خديجه شاهه سان زيادتي ٿي يا نه ٿي، ان جي خبر ناهي پر جيلن ۾ اندر عورت پوليس اسٽاف مقرر هوندو آهي، انوش مسعود ان خبر جي ترديد ڪئي ،خديجه شاهه جو اصل مجرم عمران خان آهي.