My WordPress Blog

 انتهاپسند سان ڳالهيون نه ٿينديون: وزيراعظم جو عمران خان سان ڳالهائڻ کان ٺُپ جواب

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان ڳالهين جو امڪان رد ڪري ڇڏيو.  پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مڪالمو جمهوري عمل جو حصو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جمهوريت مستحڪم ٿيندي آهي ۽ هڪ ميز تي ويهي اتفاق راءِ سان ئي سياسي ۽ آئيني اڳڀرائي ممڪن هوندي اهي.  هن چيو ته سياستدانن جي روپ ۾ انتهاپسند ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ ڳالهين جو اهل ناهي، اهڙا عنصر رياستي علامتن تي حملا ڪندا آهن، انهن ڪارروائين تي اهڙن عنصرن جو گهيرو ٿيڻ گهرجي، ترقي يافته جمهوريتن ۾ به اهڙن عنصرن جو گهيرو ڪيو ويندو آهي.  واضح رهي ته عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ ڳالهين جي اپيل 7 رڪني ڪميٽي جو به اعلان ڪيو هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.