My WordPress Blog

آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس، حڪومت بئنچ جي ٽنهي ججن تي اعتراض واري ڇڏيو

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ آڊيو ليڪس ڪميشن جي بئنچ تي اعتراض واريندي نئين بئنچ جوڙڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.  وفاقي حڪومت چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل بئنچ تي اعتراض لاڳو ڪري ڇڏيو. حڪومت ڌار درخواست آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف درخواستن جي ڪيس ۾ جمع ڪرائي.  درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر ڪيس نه ٻڌن، انڪوائري ڪميشن سامهون هڪ آڊيو چيف جسٽس جي سَس بابت آهي ۽ عدالتي فيصلن ۽ ججز ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب جج پنهنجي مائٽ جو ڪيس نٿو ٻڌي سگهي.  درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ماضي ۾ ارسلان افتخار ڪيس ۾ چيف جسٽس افتخار چوڌري اعتراض تي پاڻ کي بئنچ کان ڌار ڪري ڇڏيو هو، ائين ئي ٻيون آڊيو ليڪس جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر سان به لاڳاپيل آهن، تنهن ڪري ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ جوڙي وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.