آصف زرداري پنجاب ۾ متحرڪ، اهم ملاقاتون ڪندو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اڄ اسلام آباد کان لاهور ويندو، جتي هو اهم ملاقاتون ڪندو. پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پنجاب جي سياست ۾ متحرڪ ٿي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته هو اڄ اسلام آباد کان لاهور ويندو، جتي اهم پارٽي اجلاسن جي صدارت ڪندو. ذريعن موجب آصف زرداري بحريا ٽائون بلاول هائوس ۾ ترسندو، سندس لاهور ۾ اهم شخصيتن سان ملاقاتن جو به امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات جو به امڪان آهي.