My WordPress Blog

آءِ ايم ايف پروگرام مان نڪرڻ چاهيون ٿا: اسحاق ڊار

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان جو پلان آ آءِ ايم ايف پروگرام مان نڪرون، ملڪي معيشت ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو.  اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ڪوشش ڪنداسين ته بجيٽ ۾ عوام تي وڌيڪ بار نه پئي پر آءِ ايم ايف سبب اسان جي هٿ ٻڌل آهن، آءِ ايم ايف جي نائين جائزي لاءِ سڀ ڪجهه ٿي چڪو آهي.  هن چيو ته گذريل حڪومت معيشت جو بُرو حال ڪيو، گذريل ٽن مهينن کان مسلسل پاڪستان جي ڏيوالي جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي، ڏکيو وقت آهي پر اسان کي ان مان نڪرڻو آهي ۽ پاڪستان کي ترقي ڏيارڻي آهي.  سندس چوڻ هو ته معيشت ڪو بجلي جو بٽڻ ناهي جو سوئچ آن ۽ آف ڪري ڇڏيان، هڪ بٽڻ دٻائڻ سان ڪجهه ٺيڪ نه ٿيندو، معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، مان ۽ منهنجي ٽيم ڪم ۾ لڳل آهي، اسان جو پلان آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام مان نڪرون.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.