My WordPress Blog

گلوڪارا ايوا بي جي گريمي ريڪارڊنگ اڪيڊمي ۾ شاندار پرفارمنس

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ناليواري گلوڪارا ۽ ريپر ايوا بي موسيقي جي سڀ کان وڏي پليٽ فارم گريمي ريڪارڊنگ اڪيڊمي لاءِ شاندار پرفارمنس ڏئي سڀني جون دليون کٽي ورتيون. ايوا بي تازو گريمي ريڪارڊنگ اڪيڊمي جي گلوبل سپن لاءِ پنهنجي ريپ ٽريڪ ”سن رائز ان لياري“ تي شاندار پرفارمنس ڏني آهي.  وڊيو ۾ ڪراچي جي علائقي لياري جي گهٽين کي ڏيکاريو ويو آهي، جتي ايوا بي بلوچي ٻولي ۾ پنهنجي خوبصورت آواز جو جادو جاڳائي رهي آهي.  گلوبل سپن موجب ايوا بي اهو گانو خاص طور تي ان ئي گريمي پليٽ فارم لاءِ لکيو هو.  وڊيو ۾ گلوڪارا کي روايتي بلوچي لباس، حجاب ۽ نقاب سان ڏسي سگهجي ٿو.  پنهنجي خوشي جو اظهار ڪندي ايوا بي چيو ته گريمي طرفان گلوبل سپن سيريز لاءِ پرفارمنس ڏيڻ هڪ خواب هو، جيڪو پورو ٿي چڪو آهي. هن چيو منهنجي لاءِ اها انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته مان مشهور عالمي پليٽ فارم تي پنهنجي موسيقي ذريعي نه رڳو لياري پر ملڪ جي نمائندگي ڪري رهي آهيان. گريمي ريڪارڊنگ اڪيڊمي جو گلوبل سپن هڪ پرفارمنس سيريز آهي، جيڪو فنڪارن ۽ موسيقارن کي عالمي سطح تي پرفارم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.