عمران 9 مئي تي حراست دوران پوليس واري جي فون تان 11 ڀيرا مسرت جمشيد کي هدايتون ڏنيون
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان هڪ منصوبي تحت 9 مئي تي فوج ۾ بغاوت ڪرائڻ جي عملي ڪوشش ڪئي هئي. 9 مئي تي اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ اهلڪار جي موبائيل فون تان گهٽ ۾گهٽ 11 ڀيرا رابطو ڪري صورتحال بابت پڇا ڪئي ۽ هدايتون ڏنيون هيون. ٿي سگهي ٿو ته مستقبل ۾ مسرت جميشد به عمران خلاف واعده معاف شاهد بڻجي وڃي. فردوس عاشق اعواڻ، فياض الحسن چوهاڻ ۽ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي ڪجهه ٻين اڳواڻن به فوج کي اهم معلومات ڏني آهي. نامياري صحافي اسد علي طور جو چوڻ آهي ته هن سال فيبروري ۾ لاهور وڃڻ ٿيو هو ته پي ٽي آءِ جي ٻن اهم اڳواڻن ڪچهري دوران ٻڌايو هو ته هڪ سروي موجب فوج ۾ هيٺان کان ڪرنل رينڪ تائين جي 83 سيڪڙو فوج جي عمران خان کي حمايت حاصل آهي. ان ڪري جنرل عاصم منير خلاف عمران جي چوڻ تي بغاوت ٿي ته هو روڪي نه سگهندو. پي ٽي آءِ اڳواڻن جي دعويٰ حيران ڪري ڇڏيو هو. جڏهن اسٽيبلشمينٽ ۾ رابطو ڪري معلوم ڪيو ته ڪا سروي ٿي آهي ڇا ته جواب مليو ته ڪابه سروي نه ٿي آهي. جڏهن صاف لفظن ۾ چيو ته پي ٽي آءِ 83 سيڪڙو اداري مان حمايت جي دعويٰ ڪري رهي آهي ته جواب مليو ته ٿي سگهي ٿو جنرل (ر) فيض حميد اهڙي خوشفهميءَ جو عمران خان کي شڪار ڪيو هجي. ان کانپوءِ 9 مئي جا واقعا ٿي ويا. منصوبو اهو هيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن فوج جي اهم ٺڪاڻن تي حملا ڪندا ۽ ان دوران فوجي جوان هٿيارن سميت احتجاج ۾ شامل ٿي ويندا ۽ آفيسر به پنهنجن جنرلن جا حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا. نتيجي طور انقلاب اچي ويندو ۽ جنرل عاصم منير ناڪام ٿي ويندو. اداري کي اهڙيون پختيون شاهديون ملي چڪيون آهن جو عمران خان ۽ جنرل (ر) حميد ڪورٽ مارشل کان بچي نه ٿا سگهن پر سمجهه ۾ اهو ٿو اچي ته ادارو پنهنجي جنرل جو سياسي معاملن ۾ ڪورٽ مارشل ڪري مثال قائم ڪرڻ نٿو چاهي. ان ڪري اهو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جنرل (ر) فيض حميد ڇا ڪاڻ ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ به ملوث آهي ان ڪري شايد مٿس ڪرپشن الزام ۾ ڪورٽ مارشل ڪيو وڃي باقي عمران خان بابت چيو وڃي ٿو ته عرب ملڪن ته ان کي پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي باقي لنڊن وڃي سگهي ٿو يا ڪورٽ مارشل کي منهن ڏيندو.