”سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊرز ايڪٽ سان نواز شريف يا جهانگير ترين کي فائدو نٿو پهچي سگهي“
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽ ايڪٽ سان نواز شريف يا جهانگير ترين کي فائدو نٿو پهچي سگهي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته نواز شريف ۽ جهانگير ترين پنهنجي سزائن خلاف نظرثاني جو حق استعمال ڪري چڪا آهن، تنهن ڪري انهن کي فائدو نٿو پهچي سگهي. هن چيو ته آرٽيڪل 184 ٿري ۾ عدالت جو فيصلو پهريون ۽ آخري سمجهيو ويندو هو، ٻيو ڀيرو نظرثاني يا ڪيوريٽو ريويو جي اسان جي قانون ۾ گنجائش ئي ناهي، نئين قانون تحت آرٽيڪل 184 ٿري جي اپيل تحت رليف عام ماڻهو کي ملندو.سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽ ايڪٽ 2023 تي قومي اسيمبلي، سينيٽ ۾ باقاعدي طور بحث ٿيو هو، ايڪٽ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ته ان تي بحث سڌي ريت به نشر ٿيو.وفاقي وزير چيو ته صدر، جيڪو هر بل واپس موڪلي ڇڏيندو هو، ان نظرثاني جي قانون جي منظوري ڏني آهي، سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽ ايڪٽ تحت ماضي جي ڪنهن به ڪيس ۾ نظرثاني داخل ڪري سگهجي ٿي.