سوموٽو فيصلن تي نظرثاني جي نئين قانون کانپوءِ پنجاب ۾ چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڻمرادي نوٽيس (سوموٽو) ڪيسن ۾ عدالتي فيصلن تي نظرثاني جو نئون قانون لاڳو ٿيڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر بئنچ جو حصو آهن. ٻڌڻي جي شروعات ۾ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ جا نظرثاني قانون منظور ٿي چڪا آهن، سپريم ڪورٽ جا نظرثاني قانون جمعي کان لاڳو ٿي چڪا. جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته ان ڪري اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سجيل سواتي جي مُنهن تي مُرڪ آئي آهي. اٽارني جنرل چيو سپريم ڪورٽ جي اصل اختيارن جي دائري آرٽيڪل 184 ۾ نظرثاني جو قانون ٺاهيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي نظرثاني اختيار کي وڌايو ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته هيءَ عدالت عدليا جي آزادي جي قانون کي لاڳو ڪري ٿي، سمجهون ٿا ته آرٽيڪل 184 ٿري جي اختيارن جي دائري جي ڪيسن ۾ نظرثاني ٿيڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ جا فيصلا ئي آرٽيڪل 187 تحت نظرثاني جي اختيارن جو دائرو وڌائڻ جو رستو ڏئي رهيا آهن، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ حڪومت نئون عدالتي اختيارن جو دائرو ٺاهي ڇڏيو، حڪومت عدالت جي انتظامي معاملن ۾ به مداخلت جي ڪوشش ڪئي، خوشي آهي ته موجوده قانون رڳو 184 ٿري بابت آهي، سڀني کي ٻيهر سوچڻو پوندو. چيف جسٽس چيو جج جي جانبداري جو به معاملو اٿاريو ويو آهي، ڪيوريٽيو ريويو جو جيڪو معاملو توهان اٿاريو، ان کي به ڏسي رهيا آهيون، ٻئي پاسي کان ڪير آيو آهي؟ اٽارني جنرل ٻڌايو ته بئريسٽر علي ظفر اڄ نظر نه آيو، ان تي چيف جسٽس چيو ته ڇا توهان علي ظفر کي ڪجهه بُرو چيو آهي؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته مان علي ظفر کي ڪجهه ناهي چيو. چيف جسٽس چيو ان ڪيس کي في الحال ملتوي ڪري رهيا آهيون، تحريڪ انصاف کي به قانون سازي جو علم ٿي ويندو، خميس تي جڊيشل ڪميشن وارو ڪيس مقرر آهي، اٽارني جنرل ان بابت به حڪومت کان هدايتون وٺي ڇڏي، توهان آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس ۾ اسان جو حڪم نامو پڙهيو هوندو، ذهن ۾ رکو ته عدالت ڪميشن ڪالعدم قرار ناهي ڏني، عدالت کي عدليا جي آزادي جو تحفظ ڪرڻو آهي. چيف جسٽس چيو ته ڳجهين ملاقاتن سان معاملا نٿا هلي سگهن، اهو تاريخي ايڪسيڊنٽ آهي ته چيف جسٽس رڳو هڪ ئي هوندو آهي، اسان ميمو گيٽ، ايبٽ آباد ڪميشن ۽ شهزاد سليم قتل جي ڪميشنز جو نوٽيفڪيشن ڏيکاريو، سموريون جڊيشل ڪميشنز چيف جسٽس جي مرضي سان جوڙيون وينديون آهن، ڪنهن معاملي جي جاچ ڪرائڻي آهي ته باقاعدي طور طريقي ڪار سان اچو، مان پاڻ تي ٻڌل ڪميشن نه جوڙيندس، ڪنهن ٻئي جج کان جاچ ڪرائي سگهجي ٿي، اهو سياسي پارو معيشت ۽ امن امان کي بهتر نه ڪندو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.