خديجه شاهه ۽ عمران محبوب جي آزادي لاءِ آرمي چيف تي دٻاءُ
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آرمي چيف آصف نواز جنجوعا جي ڏوهٽي خديجه شاهه جي آزادي لاءِ ڪيترائي رٽائرڊ فوجي آفيسر سرگرم ٿي ويا آهن ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير تي دٻاءُ وڌي ويو آهي. پر ادارو ان حوالي سان ڪابه رعايت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته ساڳي طرح عمران محبوب به گرفتار آهي جيڪو پڻ هڪ رٽائرڊ جنرل جو نياڻو آهي. ان کي بچائڻ لاءِ به رٽائرڊ جنرل سرگرم آهن. پر اسٽيبلشمينٽ ان سلسلي رعايت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. اهي به اطلاع اچي رهيا آهن ته خديجه شاهه جي جيل ۾ طبيعت خراب ٿي وئي آهي.