My WordPress Blog

جي ايڇ ڪيو حملو، عدالت 8 جوابدارن کي ملٽري ڪورٽس حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ايڇ ڪيو تي حملي ۾ نامزد 8 جوابدارن کي ملٽري ڪورٽس حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 8 نامزد جوابدارن کي ملٽري ڪورٽس حوالي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.  درخواست ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل ملڪ رفاقت علي طرفان داخل ڪئي وئي، ٻڌڻي کانپوءِ عدالت نامزد 8 جوابدارن کي ملٽري ڪورٽس حوالي ڪرڻ جي اپيل منظور ڪري ورتي.  جوابدارن علي حسن، لال شاهه، شهريار ذوالفقار، فرهاد خان تي سول لائن ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي، جڏهن ته جوابدارن ادريس، عمر فاروق، راجا احسان ۽ عبادلله خلاف آري بازار ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي، 8 ئي جوابدار اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ قيد آهن.  واضح رهي ته ان کان اڳ جناح هائوس لاهور ۽ مردان ۽ پشاور ۾ فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي به آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل لاءِ ملٽري ڪورٽس حوالي ڪيو ويو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.