جهانگير ترين، عليم خان ۽ تحريڪ انصاف جي اڳوڻن اڳواڻن ۾ ملاقات، نئين پارٽي ٺاهڻ تي اتفاق
لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ سينيئر سياستدان جهانگير ترين ۽ عليم خان جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ نئين سياسي جماعت ٺاهڻ بابت مشاورت ڪئي وئي. عليم خان جهانگير ترين ۽ سندس ساٿين جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو، مانجهاندي ۾ تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ موجوده ۽ اڳوڻين شخصيتن به شرڪت ڪئي، مانجهاندو عليم خان جي رهائشگاهه تي ڏنو ويو. مانجهاندي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي صلاحڪار عون چوڌري پڻ شرڪت ڪئي. ذريعن موجب ملاقات ۾ نئين سياسي جماعت ٺاهڻ بابت جهانگير ترين جي عليم خان سان مشاورت ٿي. شرڪت ڪندڙن تجويز ڏني ته اسان کي ڪو پريشر گروپ ٺاهڻ بدران نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ گهرجي، نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ سان عوام جي حقن جو بهتر تحفظ ڪري سگهنداسين. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار عون چوڌري به نئين جماعت ٺاهڻ تي اصرار ڪيو. شرڪت ڪندڙن چيو ته وڌيڪ اڳواڻ پي ٽي آءِ ڇڏي رهيا آهن، انهن کي نئون پليٽ فارم ملڻ گهرجي.