اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي ( اين سي اي ) جي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ( اي سي ايل ) ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو نالو نيب راولپنڊي جي سفارش تي اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا سرڪلر سمري ذريعي عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب، نيب عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جو نالو به اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڏس ۾ نيب طرفان گهرو وزارت ڏانهن خط لکيو ويندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت، نوَ مئي تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري بعد ٿيندڙ هنگامن واري معاملي تي عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن جا نالا نو فلاءِ لسٽ ۾ شامل ڪيا هئا.