آءِ ايم ايف سان معاهدي بابت سوال تي اسحاق ڊار ڪاوڙجي پيو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار آءِ ايم ايف سان معاهدي بابت سوال تي ڪاوڙجي پيو. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب دوران صحافي سوال ڪيو ته ڇا آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿيڻ توهان جي ناڪامي آهي؟ صحافي جي سوال تي اسحاق ڊار ڪاوڙجي پيو ۽ جواب ڏيڻ بدران پڇڻ لڳو ته ڇا پاڪستان جو ڏيوالو ٿي ويو آهي؟ ناڻي واري وزير چيو ته توهان کي جيڪو فيصلو ڏيڻو آهي ڏئي ڇڏيو، مان پوءِ ڏسندس، گڏوگڏ هن چيو ته پاڪستان سموريون انٽرنيشنل پيمينٽ ڪري ڇڏيون آهن. اسحاق ڊار نئين بجيٽ ۽ آءِ ايم ايف بابت وڌيڪ سوالن جا جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو.