My WordPress Blog

ڪيپيٽل هل ۾ ڏنل سزائون جائز آهن ته هتي به جائز آهن: وزيراعظم

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي جي سازش جا پيرا سمنڊ پار ملن ٿا.  وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي لاءِ پاڻي جي فراهمي بابت ڪي 4 منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو.  ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته اتحاد ۽ اتفاق ۾ برڪت آهي، گذريل هڪ سال کان اتحادي حڪومت اتفاق جو مظاهرو نه ڪري ها ته صورتحال مختلف هجي ها، ڪابينا جي اتحاد ۽ اتفاق 9 مئي جي سازش کي ناڪام بڻايو، خاطري ٿو ڪرايان ته گڏجي مسئلن کي حل ڪنداسين، پاڪستان کي وڃايل مقام ٻيهر ڏيارينداسين. هن چيو ته جيڪو شخص چور چور جا نعرا هڻندو هو، اڄ پاڻ ڪرپشن ۾ پڪڙيو ويو آهي، 9 مئي تي شهيدن جي يادگارن تي عمران نيازي جي هدايت تي جٿن حملا ڪيا، اهو تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي.  سندس چوڻ هو ته ملڪ اندر ڄاڻي واڻي ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن جي پڄاڻي 9 مئي تي ٿي، سازش جا پيرا سمنڊ پار ملن ٿا.  وزيراعظم زور ڏنو ته انصاف جو طريقو اهو ئي آهي ته جيڪو 6 جنوري 2021 ۾ واشنگٽن ۾ ڪيپيٽل هل ۾ ٿيو ۽ ان تي جيڪي سزائون ڏنيون ويون اهي جائز آهن ته هتي به جائز آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.