پي ٽي اي جا گهوٽڪي ۾ به ڇاپا، غيرقانوني انٽرنيٽ سروس خلاف ڪارروائي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) انٽرنيٽ سروس جي غير قانوني فراهمي جي خاتمي لاءِ ڪارروايون ڪيون آهن. پي ٽي اي وفاقي جاچ اداري سان گڏجي گهوٽڪي ۽ لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ سرچ آپريشن ڪري ڇاپا هنيا. گهوٽڪي ضلعي جي ظفر بازار روڊ تي قائم غير قانوني انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙ ڪمپني تي ڇاپو هنيو ويو، جنهن دوران غيرقانوني سامان هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته لاهور ۾ آپريشنل انٽرنيٽ سيٽ اپ هٿ ڪيو ويو، جيڪو بنا لائسنس جي ڪم ڪري رهيو هو. ان دوران ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.