My WordPress Blog

هڪ ٻيو ويجهو ساٿي عمران خان جو ساٿ ڇڏي ويو!

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.  نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيف الله نيازي چيو ته 9 مئي واقعن تي انتهائي افسوس آهي، گذريل هڪ سال دوران گهڻو ڊسٽرب رهيس، پنهنجي فيملي تي ڌيان ڏيڻ چاهيان ٿو ۽ مان تحريڪ انصاف ڇڏي رهيو آهيان.  واضح رهي ته سيف الله نيازي جو شمار عمران خان جي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو.  ان کان اڳ فواد چوڌري، شيرين مزاري، فياض الحسن چوهاڻ، فردوس عاشق اعواڻ سميت ڪيترائي اڳواڻ پي ٽي آءِ ڇڏي چڪا آهن.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.