عمران ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن: فردوس عاشق اعواڻ به پي ٽي آءِ ڇڏي ڏني
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مان شرپسندن جي ڪارروائين سبب پي ٽي آءِ ڇڏي رهي آهيان. هن چيو ته عمران خان جي ايجنڊا پاڪستان لاءِ زهر بڻجي وئي آهي، عمران ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن، هو ماڻهن کي ٽيشو پيپر جيان استعمال ڪندو آهي ۽ پوءِ ڦٽو ڪري ڇڏيندو آهي، هو سڀ کان اڳ پنهنجي محسنن جو ئي دشمن بڻجي ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته 9 مئي واقعن جي آزاداڻي جاچ ڪري ذميوارن کي سزا ڏني وڃي.