عمران خان جي رپورٽن ۾ ڪوڪين ۽ شراب جو وڏي پئماني تي استعمال سامهون آيو آهي: قادر پٽيل
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت بابت وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ ميڊيا سامهون پيش ڪري ڇڏي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عبدالقادر پٽيل چيو ته جمهوري حڪومت ۾ هر دستاويز پبلڪ دستاويز هوندو آهي، گرفتاري کانپوءِ عمران خان کي پمز اسپتال نيو ويو هو ۽ سندس معائني لاءِ پمز ۾ ميڊيڪل بورڊ به ٺاهيو ويو هو. هن چيو ته عمران خان 5 کان 6 مهينا پلستر لڳائي گهمندو رهيو پر ڪنهن فريڪچر جو رپورٽ ۾ ذڪر ناهي، گوشت ۾ ڌڪ لڳي ته ڪنهن کي پلستر ڪندي ڏٺو اٿوَ؟ سندس چوڻ هو ته پيشاب جا نمونا به ورتا ويا، شروعاتي رپورٽ ۾ ٽاڪسنگ شيون، جن ۾ شراب ۽ ڪوڪين جو وڏي پئماني تي استعمال سامهون آيو آهي، هاڻ ان جي شرح نه پئي اچي، اسان ڪنهن حتمي نتيجي تي وينداسين، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته عمران خان جي ذهني حالت تي سواليا نشان آهي، سندس حرڪتون فٽ ماڻهو جون ناهن، رپورٽ ۾ آهي ته جنهن ماڻهو جي دماغي حالت ٺيڪ هجي، اهو اهڙيون حرڪتون نٿو ڪري سگهي. عبدالقادر پٽيل چيو ته عمران خان نوجوانن کي جنهن رستي تي لڳايو، ان جو نتيجو سڀني ڏسي ورتو، ڇا ان ئي شخص کي ڊيم واري جج صادق ۽ امين قرار ڏنو هو؟ عمران خان ڳالهيون ڪهڙيون ڪندو آهي ۽ ميڊيڪل رپورٽن ۾ ڇا ٿو اچي، پاڪستان جو عوام پنهنجي ٻارن کي ان جي حوالي نه ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جن ڊاڪٽرن عمران خان جي ڄنگهه تي فريڪچر جو لکيو آهي، ان بابت لاڳاپيل اختيارين کي لکندس. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ پبلڪ ڊاڪيومينٽ آهي، شايع ڪئي ويندي، عمران خان جي تفصيلي ميڊيڪل رپورٽ ايندي ته پوءِ پوليس کي موڪلينداسين.