سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪ انڪوائري ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪتسان آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن جي لکت حڪم ۽ ڪارروائي تي به منع نامو جاري ڪري ڇڏيو ۽ آڊيو ليڪ انڪوائري ڪميشن قائم ڪرڻ جو 19 مئي جو حڪومتي نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پنهنجي لکت حڪم ۾ چيو آهي ته آڊيو ليڪ انڪوائري ڪميشن جي معاملي تي ايندڙ ٻڌڻي 31 مئي تي ٿيندي. سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن ۾ ججن جي نامزدگي بابت چيف جسٽس جي مشاورت لازمي عمل آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس اظهر رضوي تي ٻڌل 5 رڪني لارجر بئنچ آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف عمران خان ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي اٽارني جنرل بئنچ ۾ چيف جسٽس جي شموليت تي اعتراض ڪندي چيو ته درخواست آهي چيف جسٽس ان بئنچ جو حصو نه بڻجي. واضح رهي ته آڊيو ليڪس جي معاملي تي وفاقي حڪومت 3 رڪني جڊيشل ڪميٽي جوڙي آهي، سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ قائم ڪميشن ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس شامل آهن. ڪميشن جڊيشري جي حوالي سان ليڪ ٿيندڙ آڊيوز تي جاچ ڪندي ۽ پنهنجي رپورٽ 30 ڏينهن ۾ وفاقي حڪومت کي پيش ڪندي.