My WordPress Blog

سٺي خبر، سستو روسي تيل ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان پهچي ويندو

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته روس مان رعايتي اگهه تي تيل ملي رهيو آهي ۽ ايندڙ 15 کان 20 ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ روسي تيل هوندو.  نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته گئس تي 1700 ارب رپين جو گردشي قرض هو، اسان گئس تي گردشي قرض کي ٻڙي ڪري ڇڏيو، ايل اين جي تي به گردشي قرض کي ٻڙي ڪنداسين. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻه روسي وزير 86 رڪني وفد سان گڏ پاڪستان آيا، روس مان رعايتي اگهه تي تيل ملي رهيو آهي ۽ ايندڙ 15 کان 20 ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ روسي تيل هوندو. سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ ننڍي ڪاروبار وارن کي سهولتون ڏيڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، اسان کي تاپي گئس منصوبي سان سستي گئس آڻڻي آهي، ان تي تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهيون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.