My WordPress Blog

دفاعي ايريا ۾ ويندڙن جو ٽرائل آرمي ايڪٽ ۽ ٻين جو لاڳاپيل عدالتن ۾ ٿيندو: راڻا ثناءُ الله

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 499 مان رڳو 6 ايف آءِ آرز آهن، جن کي پراسيس ڪيو پيو وڃي، رڳو 6 ايف آءِ آرز جو ٽرائل امڪاني طور ملٽري ڪورٽ ۾ ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته پنجاب ۾ رڳو 19 ۽ خيبر پختونخواهه ۾ رڳو 14 جوابدارن کي ملٽري اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي.  اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته نفرت جي سياست هڪ ناسور جيان معاشري ۾ داخل ڪئي پئي وڃي ۽ هڪ پروگرام تحت پاڪستان جي سياست کي گندو ڪرڻ جي ڪوشش جاري هئي، هڪ پروگرام تحت ملڪي تخت گاهه کي سيز ڪرڻو هو.  هن چيو ته عمران خان هڪ سال کان مسلسل نفرت جي سياست ڪري رهيو هو، سندس نفرت جي سياست ۾ 25 مئي تي اسلام آباد تي حملو ڪرڻو هو، هڪ پروگرام تحت ماڻهن کي پيٽرول بم ٺاهڻ جي ٽريننگ ڏني وئي، عمران خان هڪ فتني جو نالو آهي، قوم ان فتني جي سڃاڻپ نه ڪئي ته اهو فتنو قوم کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندو، ان کان اڳ جو فتنو ملڪ ۾ ڪو حادثو ڪري، هن پاڻ ئي پنهنجي پاڻ کي ۽ پنهنجي جماعت کي حادثي ۾ وجهي ڇڏيو.  سندس چوڻ هو ته 9 مئي جي واقعن تي مجموعي طور تي 499 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون، جن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن مان 80 سيڪڙو ضمانت تي آزاد آهن، اعتراض ڪيو پيو وڃي ته ملٽري ايڪٽ سويلين تي لاڳو ٿي رهيو آهي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ ملٽري ايڪٽ اتي لاڳو ٿيندو آهي، جتي دفاع بابت جاءِ هجي، جناح هائوس ڪور ڪمانڊر جي رهائشگاهه ۽ ڪئمپ آفيس هئي، اتي ڪيتريون ئي حساس شيون به موجود هيون.  راڻا ثناءُ الله چيو جيڪو به جوابدار پابندي پيل علائقي ۾ ويندو آهي ته اتي ڪو نئون قانون ٺاهڻ جي ضرورت ناهي، ان تي قانون موجود آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن ڪو دفاع بابت ايريا ۾ داخل ٿيو ته ان جو ٽرائل آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ئي ٿي سگهي ٿو.  هن چيو ته 499 مان رڳو 6 ايف آءِ آرز آهن، جن کي پراسيس ڪيو پيو وڃي، رڳو 6 ايف آءِ آرز جو ٽرائل امڪاني طور تي ملٽري ڪورٽ ۾ ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته پنجاب ۾ رڳو 19 ۽ خيبر پختونخواهه ۾ رڳو 14 جوابدارن کي ملٽري اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي، ٻين جوابدارن جو ڪيس لاڳاپيل عدالت ۾ هلندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.