جهانگير ترين جو نئين سياسي جماعت ٺاهڻ جو فيصلو
لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ جهانگير ترين قومي سطح تي نئين سياسي جماعت ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب نئين پارٽي جو پيٽرن انچيف جهانگير ترين پاڻ هوندو، جڏهن ته پارٽي لاءِ جهانگير ترين سنڌ، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ به اهم اڳواڻن سان رابطي ۾ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ترين گروپ کانسواءِ پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ڪاوڙيل اڳواڻن جو پارٽي ۾ شموليت جو امڪان آهي.